حڪومت ڪوٽڙي کان روھڙي تائين ريلوي ٽريڪ بحال نھ ڪرائي سگھي

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي)سيوھڻ ۾ اچڻ لاء جيڪا ريلوي جي سفري سھولت ھوندي ھئي اھا حڪومت پاڪستان جي ريلوي کاتي جي نااھلي جي ڪري سيوھڻ جي عوام ۽ سيوھڻ شھر ۾ ايندڙ قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه  جي مزار تي  پانڌيئڙن کان کسي ورتي آھي،

سيوھڻ جي ريلوي اسٽيشن ويران نظر اچي رھي آھي سيوھڻ جي ريلوي اسٽيشن گذريل اٺن مھينن کان بند، جڏھن ت ڪوٽڙي کان سيوھڻ، دادو ، رحماني نگر، لاڙڪاڻہ روھڙي تائين  ريل گاڏيون  گذريل اٺن مھينن کان بند. سيوھڻ جي عوام ڪيترا چڪر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي خبرون پڻ ھلايون آھن،

ان جي باوجود ب حڪومت پاڪستان جو ريلوي وارو کاتو ڪوٽڙي کان روھڙي تائين ريلوي ٽريڪ کي بحال ن ڪرائي سگھيو آھي، جڏھن ت ڪوٽڙي کان روھڙي تائين جيڪو ريلوي ٽريڪ آھي، اھو سڄو ٽريڪ بلڪل صحيح آھي,

پوء ب حڪومت پاڪستان جي ريلوي انتظاميه ڇو سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪري رھي آھي، خدارا ڪجھ سيوھڻ ۽ ڪوٽڙي کان روھڙي تائين جي ريلوي ٽريڪ تي رھندڙ عوام کي ريلوي جي سفري سھولت کان محروم ن ڪيو،

جلد کان جلد روھڙي کان ڪوٽڙي ٽريڪ کي بحال ڪري ريلوي جي ٽرينن کي ھلايون وڃي. ۽ سيوھڻ ۽ ڪوٽڙي کان روھڙي ٽريڪ تي رھندڙ عوام جو ھي جائز مسئلو حل ڪرايو.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو