گھوٽڪي: وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امین سومرو ) گهوٽڪي ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ ضلعي گهوٽڪي پاران گھنٽا گھر چوڪ ميرپوماٿيلو کان ريلي،

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو، ضلعي گهوٽڪي اندر چوريون، ڦرون، ڌاڙا معمول بڻجي ويا آھن، ٺل ۾ پوليس هٿان بي گناھ قتل ٿي ويل صدام لاشاري جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، پريا ڪماري، عظيم ميڻڪ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي،

ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، اڳواڻ  تفصيل موجب گهوٽڪي ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ ضلعي گهوٽڪي پاران گھنٽا گھر چوڪ ميرپوماٿيلو کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو،

ان موقعي تي اڳواڻن مولانا محمد اسحاق لغاري، مولانا محمد قاسم کھاوڙ، مولانا محمد ابراهيم کوسو ۽ ٻين چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر چوريون، ڦرون، ڌاڙا معمول بڻجي ويا آھن،

هنن وڌيڪ چيو ته  ٺل ۾ پوليس هٿان بي گناھ قتل ٿي ويل صدام لاشاري جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽  22 مهينا اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري ۽ ڪشمور مان اغوا ٿي ويل ٻارڙو محمد عظيم ميڻڪ کي  فورن بازياب ڪرايو وڃي ۽  بدامني کي ٻُنجو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو