ڏوڪري: ڪاراڻي مان ٽيوب ويل جا پکا چوري، پوليس ناڪارھ بڻيل

Spread the love

ڏوڪري ( رپورٽر)  ڏوڪري: “چوري جا پيرا ڇو کڻائي اٿئي” چورن جي پوليس کي چئيلنج، فتع پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪاراڻي مان ٽيوب ويل جا پکا چوري، پوليس چورن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي،

ڳوٺاڻن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل، ڏوڪري تعلقي جي ڪچي جي فتع پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪاراڻي مان راڻو ٻگهيو جي ٽيوب ويل مان نامعلوم چور پکا چوري ڪري ويا آهن

 جڏهن ته واقعي جو اطلاع فتع پور ٿاڻي ڏنو ويو آهي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن راڻو ٻگهيو، جميل احمد ٻگهيو، وريام ٻگهيو، منير احمد ٻگهيو، محمد بخش ٻگهيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ڪاراڻي مان مسلسل ٽيوب ويل جا پکا چوري ٿي رهيا آهن

 جنهن جا پيرا کنيا ته نصيرآباد جي ڪٻاڙي جي دوڪان تي پيا ۽ ڪٻاڙي واري چورن جا نالا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا جيڪي پوليس کي ڏنا آهن. هنن چيو ته پيرا کڻڻ تان چورن پوليس کي چئلينج ڪندي رات اسان جي ڳوٺ مان ٽيوب ويل جا پکا چوري ڪري ويا آهن.

 هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالھ آھي ته فتع پور پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير چورن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو