ڏوڪري: عورتن جي مخصوص سيٽ تي ايڊووڪيٽ ڪرن منظور ميراڻي حلف کڻي ورتو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي عورتن جي مخصوص سيٽن تي ايڊووڪيٽ ڪرن منظور ميراڻي حلف کڻي ورتو. ان موقعي تي ضلعي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪرن منظور ميراڻي،

 پ پ اڳواڻ منظور ميراڻي،مقصود ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم پي اي حزب ﷲ خان ٻگهيو، پ پ تعلقي باقراڻي صدر طارق انور سيال جن جي مهربانين سان ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي سيٽ تي ميمبر شپ ڏني آهي.

هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سموري قيادت نهايت شڪر گذار آهيون جهن اسان تي اعتماد ڪندي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي ضلعي ڪائونسل ۾ عورتن جي سيٽ ڏيندي ڪائونسلري ڏني آهي.

 هنن چيو ته اسان عوام جي خدمت تي يقين رکيو آهي ۽ عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي آهي پهرين کان وڌيڪ هاڻي به عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو