ڏوڪري: اسٽنٽ ڪمشنر نوٽيس وٺندي پارڪ جو ڪم ٻيهر شروع ڪرايو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري باءِ پاس کان پبلڪ پارڪ جي هلندڙ ڪم کي روڪڻ لاءِ بااثر طرفان هٿيارن جي زور تي ڪم بند ڪرائڻ جي ڪوشش، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري نوٽيس وٺندي ٻيهر ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو.
ڏوڪري واپڊا آفيس کان پيل سرڪاري پلاٽ تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي پاران عوام کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ پبلڪ پارڪ منظور ڪرائي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي
جڏهن ته بااثر پاران پارڪ جي هلندڙ ڪم کي روڪڻ لاءِ هٿياربندن موڪلي ڪم بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هوڏانهن اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي نوٽيس وٺندي پارڪ تي پوليس اماڻي بند پيل ڪم ٻيهر شروع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي، مختيار ڪار ڏوڪري خالد حسين لنڊ، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر ماڻهو هٿياربندن موڪلي پارڪ جو ڪم بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن جو نوٽيس وٺندي ٻيهر ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي
جُون 9, 2023