پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو عراق جو دورو انتھائي ڪامياب رھيو: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو عراق جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، پاڪستان جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سٺو پيغام آيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت پيپلزپارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اُنھن شين تي ڌيان ڏئي رھيا آھن جيڪي پاڪستان جا بنيادي مسئلا آھن. ھن چيو تھ لکن جي تعداد ۾ پاڪستاني زائرين ڪربلا ۽ نجف ويندا آھن، اُتي کين ڪيترن ئي مسئلن جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، سندن مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آھن، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ليڊر جي ذميواري ھوندي آھي، ماڻھو پنھنجن چونڊن نمائندن کي اسيمبلين ۾ ان لاءِ پھچائيندا آھن تھ جيئن اُھي سندن مسئلا حل ڪن، اُن لاءِ کين اسيمبلين ۾ ناھن موڪليندا جو اُھي ماڻھن کي غلط طرز جي سياست ۽ بدتميزي سيکارين. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گذريل ڪيترن ئي ورھين ۾ جيڪي شيون نھ ٿي سگھيون آھن، اُھي بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيھي وزير طور ممڪن بڻايون، پاڪستاني زائرين جي مطالبن تي عمل ڪندي نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ شروع ڪيو پيو وڃي، اھا ھن ملڪ جي ماڻھن، خاص طور تي زائرين لاءِ، تمام وڏي خوشخبري آھي، اُتي جيڪڏھن پاڪستانين کي ڪابھ ڏکيائي پيش ايندي تھ سندن سھولت ۽ سھائتا لاءِ پاڪستاني قونصل جنرل ۽ سفارتي عملو موجود ھوندو. ھن چيو تھ ڪربلا ۾ بھ پاڪستاني زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تھ جيئن اُتي زائرين کي جن ڏکيائين جو منھن ڏسڻو پوي ٿو اُنھن کي حل ڪيو وڃي، ھي قدم رڳو ڳالھين تائين محدود ناھن، عراقي حڪومت ان سلسلي ۾ پنھنجي اسيمبلي مان بل بھ پاس ڪرايو آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عوام جي اھنجن، ڏکيائين ۽ مسئلن کي سمجھڻ ۽ اُنھن کي حل ڪرڻ ئي ھڪ ليڊر جو ويزن ھوندو آھي، پاڪستان، عراق، بزنس ڪائونسل جو قيام ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آھن، جيڪي سٺو سنئوڻ آھن. ھن چيو تھ ماضي ۾ بھ ماڻھو پرڏيھي وزير رھيا آھن، پر ڇا سندن اکيون ٻُوٽيل ھُيون، ڇا اُھي نھ پيا ڏسن تھ ملڪي عوام ڪھڙن مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي، ھتي ويھي ڳالھھ ڪرڻ سڻائو آھي، پر اُنھن ماڻھن کان ڪو پُڇي تھ جيڪي مختلف ملڪن ۾ مسئلن کي منھن ڏئي رھيا آھن، مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني برادري جا اھنج ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي جيڪا ذميواري پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري نڀائي رھيو آھي. ھن چيو تھ ڪالھھ اوھان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ايف پي سي سي آءِ ۾ تقرير ٻڌي ھوندي، ھن ملڪ جو سڀني کان بنيادي مسئلو معيشت ۽ مھانگائي آھي، جنھن ميثاق معيشت جي ڳالھھ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪري رھيو آھي، اھا ھن ملڪ، ھن ملڪ جي ڪاروباري ماڻھن لاءِ ڪري رھيو آھي، تھ جيئن کين خاطري ٿي سگھي تھ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪو ويٺل آھي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيڪا ڳالھھ ڪري رھيو آھي، اھا درست آھي، ھُو وياج جي شرح گھٽائڻ،ڪاروبار لاءِ ڪنسورشم ٺاھڻ، صنعتون لڳائڻ جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي، سي پيڪ جو تصور بھ اڳوڻي صدر آصفعلي زرداري ڏنو، جڏھن ھُو آمريڪا ويو ھو تڏھن ھُن چيو ھو تھ اسان کي ايڊ نھ پر ٽريڊ کپي. ھن چيو تھ ميثاق معيشت جي ڳالھھ پيپلز پارٽي جي قيادت ڪري رھي آھي، تھ جيئن ڪاروبار ۽ ملڪي عوام لاءِ روزگار خاطر ملڪي معيشت کي ھر حال ۾ اڳتي وڌايو وڃي، اھوئي ملڪ جو بنيادي مسئلو آھي، ھي مسئلا حل ٿيندا تھ ملڪ ترقي ڪندو، ڇاڪاڻ تھ ملڪ آھي تھ اسان بھ آھيون، سياسي قيادت اھڙي ھجڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جن ماڻھن ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ کي مھانگائي جي ور چاڙھي ڇڏيو، آئون پوري ميڊيا جي سامھون سمورين سياسي پارٽين کي کليل نموني چيلنج ڪريان ٿو تھ جڏھن 2013 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھُئي ۽ آصف علي زرداري صدر ھو، تڏھن ڊالر، پيٽرول، بجلي، گيس، عام واھپي جي شين جون قيمتون ڇا ھُيون ۽ جڏھن 2022 ۾ عمران خان جي حڪومت ھُئي تڏھن سندس حڪومت ملڪي معيشت کي ڪٿي آڻي بيھاريو؟ ھن چيو تھ ھڪ شخص اچي ملڪ جي معيشت تباھھ ڪري ڇڏي، ھُن پوري ڪوشش ڪئي تھ ملڪ ڪنھن شئي جي قابل نھ رھي، ڇاڪاڻ تھ سندس پاليسيون غلط ھُيون ۽ کيس سياسي عقل نھ ھو، ساڍا ٽي سال اقتدار تي زوري ويھاريل شخص پوري قوم، خاص طور تي نوجوانن، کي غلط دڳ سان لايو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ملڪي معيشت کي تباھھ ڪرڻ ڪو ننڍو ڏوھھ ناھي، پر ھڪ سنگين ڏوھھ آھي ۽ ملڪي معيشت کي ھڪ اھڙي شخص تباھھ ڪيو، جنھن آءِ ايم ايف سان جيڪي واعدا ڪيا اُھي پورا نھ ڪيا، ڇاڪاڻ تھ ھُو عوام جي آڏو سرخرو ٿيڻ ۽ ڪوڙو تاثر پيدا ڪرڻ چاھي پيو ۽ بعد ۾ ثابت ٿيو تھ ھُو سنگين ڏوھن ۾ ملوث رھيو. اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ ھي ليڊرشپ جو فرق آھي، اسان چئون ٿا تھ ملڪ ۾ اُھا ليڊرشپ ھُجي، جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن جي حل جي ڳالھھ ڪري، بجيٽ ۾ عوام جي ھر سيڪٽر جي سٺي نموني نشاندھي ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار جي اھا خواھش رھي آھي تھ عوام کي وڌ کان وڌ رليف پھچائي، اسان کي ووٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ملندا آھن، ٻوڏ ۾ بھ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ ميدان ۾ موجود ھُئي، جڏھن لکين ماڻھو بي گھر ٿي ويا تڏھن پيپلز پارٽي جي حڪومت سڀني کان پھرين متاثرن کي گھر گھر ۽ رليف ڪيمپن تي وڃي پڪل کاڌو ڏيڻ شروع ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ تھ جيڪا بھ عوامي سياسي پارٽي ھوندي آھي اھا ملڪ جو اصل اثاثو ھوندي آھي، ھن ملڪ جو اصل اثاثو اھي سياسي پارٽيون آھن، جيڪي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچينديون آھن، نھ ڪي اُھي پارٽيون جن کي زوري اقتدار ڏنو ويو ۽ اُنھن ماڻھن ھر پاسي تباھي ڦھلائي ڇڏي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جھانگير ترين يا وري ڪنھن ٻئي جي پارٽي ھُجي، ھر شخص کي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ جو اختيار آھي، اسان صحتمند مقابلي جا قائل آھيون، پيپلز پارٽي ڪڏھن بيڪ ڊور جوسھارو ناھي ورتو، سدائين عوام جي خدمت ڪري مقابلو ڪيو آھي، پيپلز پارٽي ھر سياسي ميدان ۾ جمھوريت جي دائري ۾ رھندي ھر قسم جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ انشااللھ چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ اڳوني صدر آصف علي زرداري جو ھڪ تمام وڏو ويزن آھي، ھُو ھڪ تجربيڪار سياستدان آھي، صدر جو عھدو ملڻ بعد آصف علي زرداري 58 ٽو بي جي تلوار پارليامينٽ جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ھُن ڪڏھن پنھنجي پوري ڪيريئر ۾ ڪڏھن نفرت جي ڪابھ ڳالھھ نھ ڪئي، آصف علي زرداري اھا ڪوشش ڪئي تھ مفاھمت ٿئي، سياسي ڳالھيون ٿين، جمھوريت ۽ پارليامينٽ مستحڪم ٿئي، اُن جي ھر ڳالھھ جو پسمنظر اھوئي آھي تھ ھُو قانون ۽ آئين جي حڪمراني چاھي ٿو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جيڪو شخص وڳوڙن ۾ ملوث آھي، اُن کي قانوني طريقيڪار مان گذرڻو پوندو، ايئن نھ ٿو ٿي سگھي تھ ڪنھن کي بخش ڪيو وڃي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جيڪڏھن اپوزيشن ليڊر پاڻ ڊڄي رھيو آھي تھ اسيمبلي ڪيئن وڃي تھ اسيمبلي جا دروازا سندس لاءِ کُليل آھن، ھُو اسيمبلي اچي، اسيمبلي ۾ کيس ڪجھھ بھ نھ چيو ويندو، اسيمبلي کان ٻاھر مٿس ڪو قانوني ڪيس آھي تھ اُن کي کيس منھن ڏيڻو پوندو. مڪاني چونڊن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪيو آھي، پيپلز پارٽي پنھنجا نمبر پورا ڪندي، ميئر پيپلز پارٽي جا ئي ھوندا، باقي پارٽين وٽ اڪثريت ناھي اُن لاءِ اھي الزام تراشيون ڪري رھيون آھن. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عوام ملڪيتن، پارليامينٽ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪندڙن کي ڇا اھو چئي ڇڏيو وڃي تھ اھا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، اھڙو ڪھڙو ملڪ آھي جنھن جو اڳوڻو وزير اعظم چوندو ھُجي تھ ھن ملڪ تي ايٽم بم ڪيرايو وڃي؟ ڪھڙي ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم مني لانڊرنگ ڪندو آھي؟ فرح گوگي اربين رُپيا کڻي فرار ٿي وئي، ڇا اُن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي.
جُون 9, 2023