پوليس جوابدار کي گرفتار نھ ڪري ناانصافي ڪري رھي آھي: غلام مصطفي حيدراڻي

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ پير بخش حيدراڻي جو رهواسي غلام مصطفي حيدراڻي سندس گهر ڀاتي عورتن مسمات سائمه ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاج، 10 ڏينهن اڳ مان ميرپورماٿيلو دوڪان تي ويٺل هيس ته محمد علي گڏاڻي مونکي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو جيڪو پوليس اهلڪار اعجاز گڏاڻي وٽ رهي ٿو ۽ پوليس هن کي گرفتار نہ ٿي ڪري جيڪا مون سان وڏي ناانصافي آهي، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ پير بخش حيدراڻي جو رهواسي غلام مصطفي حيدراڻي سندس گهر ڀاتي عورتن مسمات سائمه ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هن چيو ته 10 ڏينهن اڳ مان ميرپورماٿيلو دوڪان تي ويٺل هيس ته محمد علي گڏاڻي مونکي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو جيڪو پوليس اهلڪار اعجاز گڏاڻي وٽ رهي ٿو ۽ پوليس هن کي گرفتار نہ ٿي ڪري جيڪا مون سان وڏي ناانصافي آهي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي جڏھن تہ ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو جي خاطري بعد هنن احتجاج ختم ڪيو.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو