وڳڻ: ڊي ايس پي نصيرآباد مير مھدي رضا ٽالپر پاران لنگر تقسيم ڪيو ويو
وڳڻ ( رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ۾ ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر پاران پنهنجي ئي آفيس ۾ عوام ۾ ننگر تقسيم ڪيو پوليس اھلڪارن شھرين ۽ دڪاندارن ۾ خيرات جو ننگر تقسيم ڪيو
ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر چيو ته ڪنھن بک جي ستايل انسان جو پيٽ ڀرڻ بـ خدمت آهي اسان مسلمان آھيون
انسان ذات جي خدمت کي عبادت سمجھون ٿا ملڪ ۾ مھانگائي سبب ماڻهون بي حال آهن وس وارا خدا جي راھ ۾ خيراتون ڪري غريبن کي ماني کارائن جيڪا وڏي عبادت آهي
ھن وڌيڪ چيو تـ پوليس مٿان عوام جو اعتماد آهي اسين تحفظ سميت سماجي براين جو خاطمو ڪري سماج ۾ ڦھليل گند بـ صاف ڪنداسين
جُون 9, 2023