وڳڻ: ايڪس اِي اين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد پريس ڪلب پھتو
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ ايڪسئين قمبر انجنيئر الطاف ڪھيري ـ ايس ڊي او وارھ منظور ڀٽو وفد ساڻ ڪري سٽي پريس ڪلب وڳڻ پھچي صحافين سان ملاقات ڪئي
آيل مھمانن کي سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ـ صدر ساجد بلوچ ـ جنرل سيڪريٽري عاجز چانڊيو ـ محمد بخش خاصخيلي ـ فتح محمد ڪلھوڙو ـ امتياز خاصخيلي ـ خالد مغيري ۽ ٻين آيل مھمانن کي گلن جا ھار پارايا جڏهن تـ شھرين استاد غوث بخش شيخ ـ عزيز احمد شيخ ۽ ٻين پڻ قمبر ضلعي ۾ مقرري تي مبارڪون ڏنيون
ان موقعي تي ايڪسئين انجنيئر الطاف ڪھيري ۽ ايس ڊي او وارھ منظور احمد ڀٽو چيو تـ بجلي جي چوري جرم آهي ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ نـ ڏنو ويندو بجلي چوري ھر حال ۾ روڪينداسين اھڙا حڪم مٿان کان پڻ مليا آهن بجلي سسٽم جي درستگي ۽ بحالي تي ڪم ڪري رھيا آھن
لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته شھري ميٽر لڳرائين اسين تعاون ڪنداسين بجلي صارفين جا مسئلا حل ڪيا ويندا جيڪو اولين فرض آهي بجلي جي ٿيندڙ چوري سبب ملڪ ۽ اداري جو نقصان ٿي رھيو آهي جيڪو ھرگز برداشت نـ ڪيو ويندو پڻ شھرين جي رھتن ۾ قانوني مدد ڪنداسين
جُون 9, 2023