ن ليگ عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي؛ خورشيد ميراڻي

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد ميراني چيو آهي ته ن ليگ هميشه عوام جي حقن جي فراهمي سميت ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، خوشحالي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي

 ن ليگ جي قيادت عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو ن ليگ جو هر هڪ ڪارڪن پنهنجي قائدين جي فڪر ۽ فلسفي، پارٽي منشور تحت عوام کي درپيش مشڪلاتون حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن سکر شهر اسان جو پنهنجو شهر آهي

۽ ان جي شهرين جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن ان جي حل لاءِ اسان هر پليٽ فارم تي آواز بلند ڪنداسي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سکر جي مختلف علائقن گرم گودي، آدم شاهه ڪالوني جي دوري جي موقعي تي ڪارڪنن ۽ علائقي جي معزيزن سان ڳالهائڻ دوران ڪيو دوري دوران علائقي واسين انهن کي درپيش مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪئي

 جنهن تي ان علائقي واسين ۽ معزيزن کي يقين ڏياريو ته انهن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن علائقي واسين جي شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي، دوري دوران زرائع ابلاغ جي نمائندن سان ڳالهائڻ دوران خورشيد ميراني جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قائد عمران خان پنهنجي سياسي ساک وڃائي چڪو آهي ملڪ دشمن پاليسين سبب اڄ ان جا ساٿي به ان کي ڇڏي فرار ٿي رهيا آهن

 انشاءَ الله هاني پاڪستان تهريڪ انصاف جي سربراهه يوٽرن خان کي يوٽرن جو موقعو به نه ملندو هنن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم حڪومت عوام کي درپيش مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ سميت ملڪي جي ترقي، خوشحالي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ رڌل آهيون.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو