نوشھروفيروز: 1122 ريسڪيو ايمبولنس سروس جي شروعات ڪئي وئي
نوشھروفيروز (ڊر)سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي ڪوششن سان ضلعي جي عوام لاء سرڪاري سطح تي 1122 ريسڪيو ايمبولنس سروس جو آغاز ٿي ويو ۽ سول اسپتال لاء 10 ايمبولنس واري اعلان تي عمل شروع ٿي ويو
ان سلسلي ۾ هڪ ريسڪيو ايمبولنس سول اسپتال پهتي جنهن جي چارج AMS ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي ورتي ۽ باقاعده افتتاح ڪيو ان موقعي تي ان چيو ته اڄ نوشھرو فيروز جي عوام لاء خوشي جو ڏينهن آھي جو 1122 ريسڪيو ايمبولنس سروس شروع ٿي چڪي آھي.
هاڻي پنھنجي ڳوٺ شھر يا گھر ۾ ڪنھن به قسم جي ايمرجنسي لاء فون ڪريو ته توهان جي گھر وٽ ايمبولنس پهچي ويندي جيڪا توھان جي مريض کي گھران کڻي جنھن به اسپتال تي وڃڻو ھوندو اتي اوھان کي مفت ۾ پھچائيندي۔
نه صرف ايترو پر توهانجي موبائل نمبر تان 1122 تي ڪال به بلڪل مفت ۾ ويندي هن عوام کي اپيل ڪئي ته جيترو ٿي سگھي ھن سروس مان فائدو حاصل ڪريو
جُون 9, 2023