ميرپور خاص: ورجو عرف راڌا ميگھواڙ کي ڪائونسلر ٿيڻ تي علائقي واسين کي خوشي

Spread the love

ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪر، غريبن جي ھڏڏوکي ء سماجي اڳواڻ ورجو عرف راڌا ميگھواڙ جنھن کي سال اڳ 2022 جي بلدياتي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري يونين ڪاؤنسل نمبر 10 سيد خادم علي شاھ جي وارڊ نمبر 4 ستار نگر سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص مان آزاد اميدوار طور جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ھو ء کيس پ پ قيادت پاران پ پ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر پير آفتاب حسين شاھ جيلاني ھٿ کڻايو

 هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران تازو پ پ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر پير آفتاب حسين شاھ جيلاني ء پ پ سٽي جي صدر محمد حنيف ميمڻ تعلقي ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاھ ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ڪائونسلر طور بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو آهي.

 ورجو عرف راڌا ميگھواڙ کي ڪائونسلر ٿيڻ تي علائقي واسين ء ميگھواڙ برادري ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آهي. يونين ڪاؤنسل سيد خادم علي شاھ تڪ جي عوام پاران کيس مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ورجو عرف راڌا ميگھواڙ غريب طبقي جي ماڻھن کي درپيش مسئلن جي حل توڙي خدمت ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندي.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو