ملير : سي ٽي ڊي جي مختلف علائقن م ڪارروايون، ٽي ٽي پي اڳواڻ گرفتار

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) سي ٽي ڊي جي ريڙھي روڊ، ابراھيم حيدري ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروائي، پابندي مڙھيل تحريڪ طالبان پاڪستان جواھم اڳواڻ گرفتار، جوابدار ريڙھي روڊ تان تحريڪ طالبان پاڪستان لاءِ فنڊ جمع ڪري رھيو ھو،

جنھن وٽان رسيدون ۽ رقم برآمد ٿي آھي، جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آھي: سي ٽي ڊي اختياريون     خبر موجب: سي ٽي ڊي اختيارين ريڙھي روڊ، ابراھيم حيدري ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروائي دوران پابندي مڙھيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو اھم اڳواڻ گرفتار ڪري ورتو آھي،

سي ٽي ڊي اختيارين موجب سي ٽي ڊي اختيارين اينٽي ٽيررزم فائنسنگ يونٽ طرفان ريڙھي روڊ، ابراھيم حيدري ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، گرفتار جوابدار غلام نبي تحريڪ طالبان پاڪستان لاءِ ريڙھي روڊ تي فنڊ جمع ڪري رھيو ھو جيڪو اڳ به پابندي مڙھيل تنظيم لاءِ فنڊ جمع ڪندو رھيو آھي،

 جوابدار وٽان رسيدون ۽ رقم به قبضي ۾ ورتي وئي آھي، سي ٽي ڊي اختيارين موجب جوابدار ٽي ٽي پي ۽ ٽيليگرام جي ذريعي دھشتگردن سان رابطي ۾ ھيو، جوابدار جاچ دوران دھشتگردي جي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ پشاور پوءِ افغانستان وڃڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو