ملير: سومار جوکيو ڳوٺ واسين جو پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) سومار جوکيو ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي جي گھر تي پوليس جي چڙھائي، گھر ڀاتين تي مبينا تشدد، ڀڃ ڊاھ، گھر ڀاتين جو احتجاج،
پوليس گھر تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آھي، پوليس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پٽن کي ھاف فرائي جون ڌمڪيون ڏئي پئي، انصاف ڪيو وڃي: پروين خاتون، بشير شيخ ۽ ٻين جون دانھون،
خبر موجب: سومار جوکيو ڳوٺ ۾ اسٽيل ٽائون پوليس چادر ۽چوديواري جو تقدس پامال ڪندي ڳوٺاڻي بشير شيخ جي گھر تي چڙھائي ڪري ڏني ۽ گھر ڀاتين تي مبينا تشدد ۽ ڀڃ ڊاھ ڪئي اھڙي عمل خلاف گھر ڀاتين بشير شيخ، شبير شيخ، عباس شيخ ۽ پروين خاتون جي اڳواڻي ۾ گھر ڀاتين ميڊيا آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو،
ان موقعي تي پروين خاتون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس گھر تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آھي، پوليس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پٽن کي ھاف فرائي جون ڌمڪيون ڏئي پئي، بشير شيخ چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري بيگناھ ڀڃ ڊاھ ڪئي آھي،
اسان تي زمين تي قبضي جا ڪوڙا ڪيس مڙھيا پيا وڃن اسان مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آھيون ننڍڙي ڀاءُ عامر تي ڪوڙا الزام مڙھي اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي، اسان جو ڀاء ڪار جي دڪان تي ڊينٽ پينٽ جو ڪم ڪندو آھي
پهريان منهنجي ڀاء کي ڪوڙي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو پر چوري ٽن ڏينهن بعد ٻئي هنڌان ملي هئي ستن ڏينهن کان عامر پوليس وارن جي خوف کان گم آھي ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ لاڳاپيل ادارن کان گھر ڪئي ته شفاف جاچ ڪرائي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 9, 2023