شاعره صنم سنڌو جي خون سان انصاف ڪيو جوابدار ڌمڪيون ٿو ڏئي: زاھدھ ڀنڀرو

Spread the love

راڻي پور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو)سنڌ جي ناليواري شاعره صنم سنڌو جي خون سان انصاف ڪيو جوابدار قتل،ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سميت سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

مظاھرين خبر موجب سنڌ جي ناليواري شاعره صنم سنڌو ڀنڀرو جي ڀيڻ زاھدا ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ نٽھڻ اس ۾ قومي شاهراھ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 ان موقعي تي زاھدا ڀنڀرو جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ ھيو ته پندرنهن ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدار نور تنيو جي خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آھي پوليس جوابدار جي ڌر بڻجي چڪي آهي ناليواري شاعره صنم سنڌو ڀنڀرو جي خون سان انصاف نه ٿي سگھيو آهي

 پھرين ڏينھن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ملڪ جي ڪنھن به اداري قتل توڙي احتجاج جو ڪوئي نوٽيس ناھي ورتو جوابدار مسلسل قتل،ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

 اسان کي بااثر جوابدار مان خطرو آهي سندس قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ان موقعي تي مظاهرين انساني حقن جي تنظيمن،عورتن جي حقن جي ادارن،سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف تنظيمن کان انصاف جي گھر ڪئي آهي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو