سکر: مختلف سياسي، سماجي شخصيتن جي ملڪ سعد رضوان کي مبارڪ

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) شھر جي مختلف سياسي سماجي شخصيات جي ملڪ سعد رضوان کي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ يوٿ چيئرمين ٿيڻ تي مبارڪون،

جڏهن ته ملڪ سعد رضوان پنهنجي پئ اڳوڻي صدر چيمبر آف ڪامريس ملڪ رضوان الحق، محمد اويس رئيس، محمد فهد رضوان ۽ ٻين سان گڏ ريلي جي صورت ۾ پنهنجي آفيس پهتا، جتي شهرين جي طرفان زبردست استقبال ڪندي گلن جا هار پڻ پارايا،

ان موقعي تي ملڪ سعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مان پنهنجي اعليٰ قيادت جو شڪر گذار آھيون، جنهن مونکي هن قابل سمجهيو ۽ يوٿ چيئرمين جي مخصوص سيٽ ڏني انشاء الله مان عوام جي ۽ قيادت جي اميدن تي پورو لهندس ۽ دل سان عوام جي خدمت ڪندس.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو