سيوھڻ: شراب فروش 20 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار
سيوھڻ )رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي( سيوھڻ پوليس نشيدار شيون وڪرو ڪندڙ ۽ واپرائيندڙ ن خلاف ايس ايڇ او سيوھڻ زاھد حسين جهتيال پاران منشيات فروشن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون.
تفصيل موجب سيوھڻ بچاء بند تان ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ ظھير عباس سولنگي 20ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪيو ويو ظھير عباس سولنگي جي مٿان سيوھڻ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي ويئي آھي.
جڏھن ته سيوھڻ پوليس ٻي ڪارروائي ڪندي مختلف ڏوھن ۾ روپوش جوابدار غلام حسين عرف راول ڀٽيءَ کي خفيه اطلاع تي گرفتار ڪري ورتو آھي.
جُون 9, 2023