سولنگي اتحاد خدمت ڪاميٽي دادو پاران رتو سولنگي واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو ويجهو ٿاڻو ٿرڙي جادو شھيد حد ڳوٺ رتو سولنگي ۾ بااثر مجاھد شاھي پاران پيرسن غلام نبي سولنگي تي کٽ چوري الزام ۾ سخت تشدد ڪري زخمي ڪرڻ وارو معاملو؛
ان سلسلي ۾ سولنگي اتحاد خدمت ڪاميٽي ضلع دادو پاران واقعي بابت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڪافلي جي صورت ۾ پيرسن جي ڳوٺ پھچي زخمي پيرسن جي عيادت ڪئي ۽ وڏيرو محمد حسين سولنگي، وحيد سنڌي، علي رضا سولنگي، خان محند سولنگي،
اشرف سولنگي، حاجي نيڪ محمد سولنگي، خان سولنگي، مختيار سولنگي،ياسين سولنگي . عاشق سولنگي، لطيف سولنگي،حافظ سولنگي ۽ ٻين پاران زخمي پيرسن وٽ پهچي وارثن کي يقين ڏياريو ته سولنگي برادري توھان گڏ آهي پر پيرسن غلام نبي سولنگي پاران چيو ته ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزداو جي حڪم تي پوليس برقت منهنجي مدد ڪئي
۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو پر مون بنا ڪنهن زور زبردستي جي برادري جي صلاح مشوري سان جوابدار مجاھد شاھي سان فيصلو ڪندس، ياد رھي ته پيرسن زخمي قرآن پاڪ کڻي دادو پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو ھو
جنهن جو ايس ايس دادو سختي سان نوٽيس وٺندي پوليس کي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيا ھيا، پر ڌريون راڄوڻي تي راضي ٿي ويون آهن،
جُون 9, 2023