سانگهڙ : مبينا تشدد جو شڪار ناري جو مڙس، سهري ۽ ڏيرن خلاف احتجاج

Spread the love

سانگهڙ  (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو مبينه تشدد جو شڪار ٿيل ٽن نياڻين جي ماءُ جو پنهنجي مڙس، سهري ۽ ڏيرن خلاف احتجاج، منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چڪ نمبر 56 جي رهواسڻ اسما زال امجد نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ تي احتجاج ڪندي چيو ته مون کي قدرت واري ٽن نياڻين جي اولاد سان نوازيو آهي

 جنهن تي منهجو مڙس ۽ سندس پئ ۽ ڀائر مون تي ڏمرجي پيا ۽ روز روز جسماني توڙي ذهني اذيت ڏين ٿا، گذريل رات منهجي مڙس ۽ ڀائرن گڏجي مون کي  تشدد جو نشانو بڻايو ۽ منهنجي ڀائرن خلاف منگلي ٿاڻي تي ڪوڙيون درخواستون داخل ڪرايون آهن،

هن وس وارن ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي مڙس جي ظلمن کان نجات ڏياري مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ مان پنهنجي نياڻين سميت آپگهات ڪنديس جنهن جو ذميوار منهنجو مڙس، سهرو ۽ ڏير هوندا.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو