سانگهڙ: مائروڙا ماڊلنگ اسڪول جھول پاران سالياني ايوارڊ تقسيم تقريب منعقد
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو مائروڙا ماڊلنگ اسڪول جھول پاران سالياني ايوارڊ ورھائڻ واري پروقار تقريب پرنسيپل لطف علي رند ۽ اسڪول انتظاميه پاران جھول جي نجي شادي ھال ۾ ٿي گذري،
جنهن ۾ مھمان خصوصي سيٺ سندر داس کيتياڻي جنرل سڪيريٽري مينارٽي ونگ سنڌ شرڪت ڪئي جنھن کي تقريب ۾ پھچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪري ھال ۾ پھچايو ويو
۽ ٻين مھمانن ۾ سياسي سماجي شخصيت غازي ڏاڏا شير محمد ڏيرو، راڻا ساجد علي راجپوت، ضلعي ڪائونسل جي پ پ ميمبر مير مھتاب حسين ٽالپر، ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي، سردار زوھيب حسن خاصخيلي، حاجي پرويز خاصخيلي،
استاد الطاف حسين پنهور، استاد امام بخش بلوچ، ابو بڪر مري، ايڊووڪيٽ عاشق جمال، عبدالرزاق عمراڻي، ايڊووڪيٽ پريم داس ڀيل ، ڊاڪٽر سنيل ڪمار ، صحافي را۽چند سنڌي ، صحافي شيوارام سکاڻي سميت مختلف اڳواڻن، علمي ادبي شخصيتن، شاگردن،
شاگردياڻين انھن جي والدين، ميل توڙي في ميل ٽيچرز ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مائروڙا ماڊلنگ اسڪول جي پرنسيپل سائين لطف علي رند طرفان آيل مھانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، اسڪول جي شاگردن ملي نغمن تي ڊانس ۽ خاڪا پيش ڪرڻ تي خوب داد وصول ڪئي،
مھمان خصوصي سيٺ سندر داس کيتياڻي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جھول جي تاريخ ۾ مائروڙا ماڊلنگ اسڪول پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي،
رياضي انگريزي ٻولي جي سکيا دوستاڻي ماحول ۾ فراھم ڪري ان سان گڏ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي به نروار ڪيو پيو وڃي، ٻارن کي راند ۽ وندر ذريعي پڙھائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪجي ٿي ته جيئن سندن دلچسپي وڌي ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿئي ،
تقريب ۾ پوزيشن کڻندڙ اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين ۾ شريڪ مھمانن ھٿان ايوارڊ ۽ ٻيا انعام ورهايا ويا، آخر ۾ ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاء دعائون پڻ گھريون ويون.
جُون 9, 2023