روهڙي: ڳوٺ خان محمد ڪٽوھر ۾گھر کي باھھ، معصوم ٻارڙو سڙي فوت

Spread the love

روهڙي  (رپورٽ: علي خان چنجڻ) صالح پٽ ڀرسان ترور ڳوٺ خان محمد ڪٽوھر ۾ چلھ مان چڙنگ اُڏرڻ سبب صدرالدين ڪٽوھر جي گھر کي باھ وڪوڙي وئي باھ لڳڻ سبب 5 سالن جي معصوم ٻارڙي فوت گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي  رک ٿي ويو تفصيل موجب صالح پٽ ڀرسان ترور ڳوٺ خان محمد ڪٽوھر ۾ گھر کي چلھ مان چڙنگ اُڏرڻ سبب باھ وڪوڙي وئي

 باھ لڳڻ سبب ھڪ معصوم ٻارڙي حنا ڌيءَ تاج محمد ڪٽوھر سڙي فوت جڏھن ته گهر ۾ رکيل سمورو جنھن ۾ روڪ رقم 20000 ھزار، 40 مڻ ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان سڙي رک تي ويو متاثر صدرالدين ڪٽوھر ۽ ٻين چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون

 اسان جي گھرن کي باه لڳي وئي گھر ۾  پيل سامان سڙي رک ٿي ويو اسان محنت مزدوري ڪري گھر جو گذر ڪندا ھياسين ھاڻي گھر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي

 اسان وٽ کائڻ پيئڻ لاء ڪجھ ناھي بچيو اسان جي مدد ڪئي وڃي جيئن اسان گھر جو چُلھ ٻاري سگھون متاثر کليل آسمان ھيٺ ڊي سي سکر ۽ علائقي واسين ۽ وس وارن کي مدد جي اپيل.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو