دادو: پ پ اڳواڻ ميڊم عذره ميمڻ جي سرپرستي ۾ نامزد عورتن حلف کنيو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ليڊيز ونگ ضلع جنرل سيڪريٽري ميڊم عذره ميمڻ جي سرپرستي ۾ ايندڙ مخصوص سيٽن تي ايندڙ عورتن حلف کنيو.

عذره ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو،ميڊم فريال  جي شُڪر گُذار آھيان جنهن دادو جي ليڊيز کي B.Dاليڪشن ۾ ڀرپور حصو ڏياريو آھي

 اسين اعليٰ قيادت کان آئينده لاءِ به اهڙي اُميد رکون ٿا.ايندڙ جنرل توڙي B.D اليڪشن ۾ عورتن کي ڀرپور موقعو ڏيندي ڇو ته

پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي،پيپلز پارٽي جهموريت تي يقين رکي ٿي. شھيد سنڌ راڻي محترمه بينظير ڀُٽو جو عورت ترقي خُواب هُيو جنهن جي حمايت ڪندي کيس خراج تحصين پيش ڪيان ٿي.

هن موقعي تي مان  عورتن کي اڳيان وڌڻ ۽ پنهنجون صلاحيتون اُجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.مان منتخب نمائندن مان اميد رکان ٿي ته هو پنهنجي علائقي جي مسئلن حل ڪرڻ لاء اڳڀرا رهندا.

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو