دادو: پير دانش ۽ بئريسٽر پيرمجيب الحق جو شاندار استقبال ڪيو ويو

Spread the love

دادو  (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري سان پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ميونسپل ڪاميٽي دادو لاءِ نامزد ڪيل نوجوان چيئرمين پير دانش علي ۽ دادو جو بھادر ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق جو  شام جو  پير شاخ دادو پھچڻ تي پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن،

ورڪرن، دادو جي شھرين ۽ ھمدردن، سپورٽرن پاران هزارين   گاڏين ۽ پيادل هزارين ماڻهن شرڪت ڪري سندن مٿان گل نڇاور ڪري جرڪن، سنڌي ٽوپين اوڍائي شاندار استقبال ڪري جلوس جي صورت ۾ جيئي ڀٽو جيئي بلاول ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ پير ھائوس دادو آندو ويو جتي مٺايون ورهايون ويون،

ان کان اڳ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي پير دانش علي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي اسان سڀ پارٽي جا ڪارڪن آھيون ٖ پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ٖ پيپلزپارٽي لاء اسان جي خاندان جون اڻ ڳڻيون قربانيون آھن

۽ مان پارٽي جي پاليسين تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندي دادو شھر جي لاء ڏينھن رات ڪم ڪري شھر کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ ميونسپل ڪاميٽي جي سڀني ميمبرن کي بنا ڪنھن فرق جي پاڻ سان گڏ کڻي ھلندس ٖ ھن چيو ته دادو جا شھري شھر کي گندگي کان صاف سٿرو بنائڻ ۾ اسان جو ھٿ ونڊائين ٖ اسان دادو جي عوام جي خدمت کي پنھنجو فرض سمجھون ٿا 

ٖ شھر جا ڪافي مسئلا آھن انھن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاء شهري منهنجو ساٿ ڏين مونکي اميد آھي ته اسان سڀ گڏجي شھر جي لاء ڪم ڪنداسين ته دادو شھر ھڪ مثالي شھر نظر ايندو ٖ دادو ھميشه پيپلزپارٽي جو قلعو رھيو آھي ۽ ان قلعي کي وڌيڪ مظبوط ڪنداسين،

جُون 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو