دادو: پيرسن تي تشدد واري معاملي تي ايس ايس پي ٻيھر نوٽيس ورتو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) ٿرڙي جادو شھيد لڳ ڳوٺ رتو سولنگي واسي پيرسن غلام نبي سولنگي سان وڏيري پاران ڪيل تشدد وارو معامرو. پيرسن سان تشدد واري معاملي ۾ پوليس سندس سان شروع کان ئي سھڪار ڪيو آهي،
ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پڻ معاملي جو بروقت نوٽيس ورتو پوليس پاران پيرسن ۽ سندس وارثن کي قانوني ڪاروائي ڪرائڻ جي لاءِ مسلسل رابطو ڪري کين مڪمل قانوني سھڪار جي خاطري ڪرائي وئي پر ان ڏس ۾ متاثر پيرسن ۽ سندس وارثن پاران قانوني ڪاروائي ڪرڻ کان انڪار ڪندي مخالفن سان صُلح ڪرڻ جو ذاتي فيصلو واضح ڪيو ويو.
ان باوجود ميڊيا جي زينت بڻيل سندس تشدد واري معاملي تي ايس ايس پي ٻيھر نوٽيس ورتو، پوليس پاران پيرسن ۽ سندس وارثن کي قانوني ڪاروائي لاءِ ٻيھر ھمٿايو ويو ۽ کين کي مڪمل تحفظ ۽ معاونت فراھم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي وئي، تنھن ھوندي بہ متاثر ڌر پاران راڄوڻي صلح کي ترجيح ڏني وئي ان صورتحال ۾ پوليس پاران متاثر ڌر جي صوابديدي اختيار واري فيصلي جو احترام ڪندي وڌيڪ ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي.
باوجود ان جي متاثر ڌر خودمختيار آھي ھو جڏھن چاھن قانوني مدد حاصل ڪري سگھن ٿا، سندن حسب ضرورت پوليس پاران کين فوري قانوني معاونت فراھم ڪئي ويندي.
جُون 9, 2023