دادو: ايس ايس پي جي صدارت ھيٺ اجلاس، ٿاڻيدارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پاران ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سان اهم اجلاس ڪيو،
اجلاس ۾ ايس ايس پي سمورن ايس ايڇ اوز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ امن امان کي بهتر بڻائڻ ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڌيڪ حڪم جاري ڪيا.
ايس ايس پي سمورن ڊي ايس پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي روپوش ۽ اشتهاري ڏوھارين خلاف گھيرو تنگ ڪري کين جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جون سخت ھدايتون جاري ڪيون ۽ ان حوالي سان سٺا نتيجا ڏيڻ جي تلقين ڪئي هن وڌيڪ واضح ڪيو
ته روزانو جي بنياد تي ٿاڻن جي پراگريس چيڪ ڪئي ويندي. ايس ايس پي ضلعي اندر منشيات، گٽڪا ۽ ٻين منظم ڏوهن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ۽ واضح ڪيو ته منشيات جو وڪرو ڪنھن بہ صورت قبول ناھي ان ڪڌي ڪم خلاف جوڳيون ڪاروايون ڪرڻ لازمي آھن،
ايس ايس پي شھرين جي چوري ۽ ڦر ٿيل ملڪيتن جي برآمدگي بابت پڻ مٍڙني ايس ايڇ اوز کي خاص هدايتون جاري ڪندي چيو تہ شهرين جون چوري ۽ ڦر ٿيل ملڪيتون ھٿ ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪاروايون ڪيون وڃن ته جيئن شھرين جي نقصان جو ازالو ٿي سگھي
جڏھن ته انهن ڏوھن ۾ ملوث گروھن کي پڻ قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ايس ايس پي ٿاڻن تي ٻُڌڻ جوڳي ڏوھن جي بروقت رجسٽريشن نه ٿيڻ وارين شڪايتن تي پڻ ناراضگيءَ جو اظھار ڪندي سمورن ايس ايڇ اوز کي واضع حڪم جاري ڪندي چيو تہ هر ٻُڌڻ جوڳي ڏوھ جي بنا دير ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ان ۾ غير ضروري اذر ناقابلِ قبول ھوندو ۽ غير ذميواري جو مظاهرو ڪندڙ ايس ايڇ اوز خلاف سخت محڪمانه ڪارروائي ڪئي
ويندي.هن وڌيڪ چيو ته سماج دشمن عنصرن ۽ عادي ڏوهارين خلاف داخل ڪيل ڪيسن جي چڱي نموني جاچ ڪئي وڃي ۽ اهڙن ڪيسن جي باقاعدگي سان پيروي ڪري جوابدارن کي عدالتن مان سزائون ڏياريون وڃن ڏوھارين کي سزائون ملڻ سان ڏوھن ۾ واضح گھٽتائي ايندي ۽ انصاف جي پڻ بھتري ٿيندي.
ميٽنگ ۾ شامل سمورن آفيسرن کي واضح ڪيو ته فرضن ۾ غفلت يا لاپرواهي ھر صورت ۾ ناقابلِ برداشت هوندي ڪوتاھي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
جُون 9, 2023