حريم شاهه چوهاڻ کي ڌمڪي بعد وڊيو جاري ڪندي گهڻن کي ڇرڪائي وڌو
اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تڪراري ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ سياستدانن کي بي نقاب ڪرڻ جي حوالي سان مشهور حريم شاهه هڪ ٻئي سياستدان کي بي نقاب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
حريم شاهه فياض الحسن چوهاڻ کي وڏو سرپرائز ڏنو. حريم شاهه گذريل ڏينهن فياض الحسن چوهاڻ کي بي نقاب ڪيو هو ۽ کيس خبردار به ڪيو هو ته هو ڪٿي به پنهنجو نالو نه ٻڌائي ته سندس موبائل فون ۾ سمورو ڊيٽا موجود آهي جيڪو هوءَ عوام آڏو آڻيندي. هاڻ حريم شاهه هڪ شخص سان گڏ پنهنجون 3 تصويرون جاري ڪيون آهن جن ۾ ان شخص جو چهرو ايموجيز سان لڪايو ويو آهي ۽ سوال اهو آهي ته اهو لوٽو ڪير آهي؟.
حريم شاهه جي ’لوٽي‘ مان مراد انهن اڳواڻن ڏانهن آهي، جيڪي پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويا. ان ٽوئيٽ تي صارفين جو وڏو انگ پنهنجا اندازا لڳائڻ ۾ مصروف آهي، ڪو چئي رهيو آهي ته اهو فواد چوڌري آهي ته ڪنهن ان ڪيس ۾ علي زيدي جو نالو ورتو.
حريم شاهه جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ هڪ صارف لکيو ته حريم شاهه هڪ هڪ ڪري انهن سمورن بزدلن جي حقيقت عوام آڏو آڻي رهي آهي. وزر طاهر ملڪ لکيو ته حريم شاهه جي وڊيو/فوٽو ليڪ ٿيڻ تي ٻن قسمن جا ماڻهو پريشان آهن، هڪ وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهو، ٻيو پٹواري. پي ٽي آءِ وارن کي خوش رهڻ گهرجي، جيڪڏهن هو خوش نٿا ٿيڻ چاهين ته پوءِ حريم تي تنقيد ڪرڻ بدران غير جانبدار رهن.
ان کانپاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽوڪر ۽ اداڪارا حريم شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏي اڳوڻي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ تي تنقيد ڪئي آهي.
ٽڪ ٽاڪ اسٽار سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ فياض الحسن چوهاڻ کي وڊيوز وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.
وڊيو بيان ۾ هن فياض الحسن چوهاڻ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سندس اصل سڃاڻپ هميشه لڪائي رهي آهي پر هو تمام گندو ماڻهو آهي .
