190 ملين پائونڊ ڪيس، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نيب راولپنڊي کي خط
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي اين سي اي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ نيب راولپنڊي کي خط لکي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خط ۾ نيب کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ ۾ تبديلي جي درخواست ڪئي آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ آهي ته نيب 7 جون بدران مون کي 8 جون تي جاچ ۾ شامل ڪري.
بشريٰ بي بي درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجو مڙس سڀاڻي اسلام آباد ايندو، پردي سبب مڙس سان گڏ نيب اچڻ چاهيان ٿي.
