پئسا وٺي مقررين جو الزام: عثمان بزدار، فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي پٽ خلاف ڪيس داخل
اينٽي ڪرپشن پنجاب رشوت عيوض مقررين جي الزام هيٺ عثمان بوزدار، فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي جي پٽ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي
اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر ۾ داخل ڪرايل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جو پٽ ابراهيم مانيڪا به نامزد ڪيو ويو آهي
بشريٰ بي بي جي سهيلي فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڪامورن جا نالا به نامزد ڪيا ويا آهن
اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار، فرح گوگي، بشريٰ بي بي جو پٽ ۽ ٻيا ڪامورن سان گڏجي پئسن عيوض آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪرائيندا هئا
جُون 7, 2023
