سيوھڻ اسپتال جا گارڊ  من پسـند  ماڻهن کي وارڊن  اندر ڇڏين ٿا: عورت

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ:  محمد صفر سيوھاڻي) سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ ۾ سيڪورٽي گارڊن جي ظلم جي انتھا ٿي ويئي،

 سيوھڻ سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽوٽ جا گارڊ غريب بي پھچ ماڻھن کي پنھنجي مريضن سان ملڻ ب ن ڏئي رھيا آھن،

 اوھان وڊيو ۾ ڏسي سگھو ٿا، سيوھڻ جي سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽوٽ جا سيڪيورٽي گارڊ وڏن ماڻھن کي ڪجھ نٿا چون، باقي غريبن  ماڻھن لاء ت سيوھڻ اسپتال جي وارڊن ۾ پنھنجي مريضن سان ئي ملڻ نٿا ڏين، ڏسو ھي غريب عورت پنهنجي ٻار سان ملڻ لاء گارڊ کي ھٿ ٻڌي منٿون ڪري رھي آھي،

پر ھن عورت جي سيوھڻ اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن  ھڪ ب ن ٻڌي، ان عورت دانھيندي چيو ت سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽوٽ سيوھڻ جا سيڪيورٽي گارڊ   پنھنجي من پسـند  ماڻهن کي وارڊن  اندر ڇڏي رھيا آهن،

مون مسڪين غريب عورت کي پنهنجي ٻچي سان ملـڻ نٿو ڏنو وڃي جيڪو اندر اڪيلو بيڊ تي روئي  رهيو آهي.

خدارا ڪجھ احساس ڪيو ، ان ماڻھون کي ت اندر وارڊ ۾ ڇڏيو جنھن جو مريض داخل آھي، اھڙن نااھل سيڪيورٽي گارڊن کي ھٽايو وڃي.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو