دادو : چوري الزام تحت بي رحم وڏيري جو 70 سالن جي پيرسن تي وحشاڻو تشدد

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) يوسي ٿرڙي جادو شهيد جي ڳوٺ رتو سولنگي ۾ انسانيت مري وئي کٽ چوري الزام تي بي رحم وڏيري 70 سالا پيرسن تي وحشاڻو تشدد ڪري سندس کي بي حال ڪري ڇڏيو،

عبدالرسول سولنگي، نثار سولنگي پاڪ ڪلام کڻي زخمي والد کي انصاف ڏيارڻ لاء دادو پريس ڪلب پهچي دانهيو ته ڳوٺ جي وحشي وڏيري مجاهد پٽ مير شاهي کٽ چوري جي الزام تي منهنجي والد غلام نبي سولنگي کي بي رحم ظالم وڏيري تشدد ڪري سندس گوڏا ڀڃي اک ضايع ڪري ، سندس مٿي جا وار ڪوڙي سندس  هٿ ڀڃي ڇڏيو آهي،

هنن روئيندي چيو ته واقعي جي اين سي ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر ٿرڙي پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري،هن چيو بي رحم انسانيت کي لڄائي 70سالا پيرسن تي تشدد ڪري پنهنجي وحشي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي اسان غريب آهيون ۽ هو وڏيرو آهي تنهن ڪري پوليس سندس جي ساٿاري بڻيل آهي،

هنن چيو ته تشدد سبب والد جي هڪ اک جي روشني هلي وئي آهي والد جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن،

هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد،ايس ايس پي دادو ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ظالم وڏيري کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪري والد جو علاج ڪرايو وڃي،ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين دادو ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو،

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو