گهوٽڪي: مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن جي حلف برداري تقريب منعقد
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپور ماٿيلو؛ ضلع ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن جي حلف برداري تقريب، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ميمبرن کي حلف کڻايو.
تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽيز گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي مخصوص سيٽن تي نامزد ٿيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ضلعي ڪائونسل جي 21 عورت ميمبرن سميت ليبر، نوجوانن، اقليت ۽ معذورن جي مخصوص سيٽن تي 11 ميمبرن کي حلف کڻايو
جڏهن ته ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي 10 ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي 6 مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن سمورن منتخب ميمبرن کي مبارڪون پڻ ڏنيون.
جُون 7, 2023