گهوٽڪي: جسقم پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽر) محمدامین سومرو ميرپورماٿيلو ؛ جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون خلاف احتجاجي مظاهرو، سخت نعريبازي، بحريا ٽاؤن سنڌ دشمن منصوبو آهي

 جنهن خلاف 2 سال اڳ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران لکين ڌرتي ڌڻين کي ساڻ ڪري ڌرڻو هنيو هو جنهن تي زرداري سرڪار شيلنگ ڪري سوين ڪارڪنن کي زخمي ڪيو هو ۽ سنڌ جي سڀني قومپرستن تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جيڪي اڃا تائين ختم ناهن ٿي سگهيا،

اڳواڻ تفصيل موجب جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي پُڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ، وحيد سنڌي، حنيف سومرو، نديم ملاڻو ۽ محب ميربحر خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽاؤن سنڌ دشمن منصوبو آهي جنهن خلاف 2 سال اڳ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران لکين ڌرتي ڌڻين کي ساڻ ڪري ڌرڻو هنيو هو

 جنهن تي زرداري سرڪار شيلنگ ڪري سوين ڪارڪنن کي زخمي ڪيو هو ۽ سنڌ جي سڀني قومپرستن تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جيڪي اڃا تائين ختم ناهن ٿي سگهيا زرداري سرڪار ملڪ رياض جي سنڌ دشمن منصوبن جي پٺڀرائي ڪري کين تحفظ ڏئي رهي آهي اڄ انهن کي ٻڌايون ٿا ته بحريا ٽائون سنڌ جي ماڻهن کي نه ڪالهه قبول هو ۽ نه ئي اڄ قبول آهي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن سڀني منصوبن کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندا.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو