ڪمپيوٽر جي تعليم تي پابندي نه لڳائي وڃي: منتخب عالم

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) پيپلز يونٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي مرڪزي چيئرمين منتخب عالم،صدر اسماعيل رڪ، سيڪريٽري جنرل ڪامران شيخ ۽ ٻين پاران ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني،

سيڪريٽري ليبر لئيق احمد خان،سيڪريٽري ويلفيئر بورڊ سعيد صالح جماڻي،پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب الدين جنيدي سان ملاقات ڪري ننڍي اسٽاف ڪلاس 4 جي ڊي پي سي لاءِ لکت ۾ درخواست ڪئي وئي آهي

ته پٽيوالي،نائب قاصد،چوڪيدار،سينٽري اسٽاف ۽ ٻين جي ڊي پي سي لاءِ صرف ميٽرڪ پاس هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ڪمپيوٽر جي تعليم تي پابندي نه لڳائي وڃي ۽ لاڳاپيل عملي کي ميرٽ جي بنياد تي ڪلرڪ جي عهدي تي ترقي ڏني وڃي ان حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ محترمه شهلا ڪاشف کي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

 ڊائريڪٽر جنرل شهلا ڪاشف کي انڊسٽريل هوم حيدرآباد جي سينيئر انسٽرڪٽر ريحانه صابر، ليڊي انسٽرڪٽر شمع ۽ ٻين ملازمن جي مسئلن کان به آگاهه ڪيو ويو

 خاص ڪري نگران اظهر علي شاهه ۽ فهيم احمد جي اپ گريڊيشن بابت آگاهي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڪمپيوٽر آپريٽر ڪوٽڙي محمد فهد خان جي پگهار فيڪسيشن اڃا تائين ناهي ڪئي وئي جنهن تي ڊي جي شهلا ڪاشف سپريٽنڊنٽ محمد اسلم بلوچ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي فوري هدايتون جاري ڪيون

ان کان علاوه ڊي جي شهلا ڪاشف ملازمن جي ٻين مسئلن ۾ به دلچسپي ورتي ۽ يقين ڏياريو ته سينيئر انسٽرڪٽرز جي ڊي پي سي فوري طور تي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ميرٽ ۽ سينارٽي جو خاص خيال رکيو ويندو

ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن بشير چاچڙ،ڊائريڪٽر فنانس ماجد شيخ ۽ رميز راٺور پڻ موجود هئا پيپلز يونٽي جي ميمبرن ملازمن جا تڪڙا مسئلا حل ڪرڻ تي لاڳاپيل آفيسرن جا خاص ٿورا مڃيا.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو