چونڊن جو معاملو قومي مسئلو آهي، 14 مئي واري فيصلي تي عملدرآمد ممڪن نه آهي: چيف جسٽس

Spread the love

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال  چيو آهي ته چونڊن جو معاملو قومي مسئلو آهي، 14 مئي واري فيصلي تي عملدرآمد ممڪن نه آهي، پر اهو فيصلو تاريخ بڻجي چڪو، عدالتي فيصلو تاريخ ۾ رهندو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون لازمي آهن

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران ٻنهي ڪيسز جي گڏيل ٻڌڻي، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ رويو ايڪٽ آئين جي خلاف آهي، پريڪٽس ۽ پروسيجر ايڪٽ ۾ به اهو معاملو اٿاريو ويو آهي

علي ظفر جو چوڻ هو ته  عدالت اليڪشن واري فيصلي تي نظرثاني واري درخواست جو فيصلو رويو ايڪٽ جي فيصلي تائين روڪي سگهي ٿي

جسٽس منيب اختر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ريويو ايڪٽ لاڳو ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي لارجر بينچ ۾ ٻيهر دليل ڏيڻا پوندا، عدالت ڪيئن پنجاب چونڊن بابت ڪيس ٻڌي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ نافذ ٿي چڪو آهي، ٻڌايو ڪيئن اسان تي سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ پنجاب چونڊ نظرثاني ڪيس ۾ لاڳو نٿو ٿئي؟

چيف جسٽس چيو ته سڀ چاهين ٿا ته پنجاب چونڊن بابت نظرثاني جو فيصلو ٿئي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اهي دليل ڏي ته ان وٽ وسيع تر اختيار آهن، اپيل جون به ڪجهه حدون ٿينديون آهن

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو