نوشھرو فيروز: جسقم پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاجي مظاهرو
نوشھرو فيروز (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ، سنڌ دشمن منصوبي بحريه ٽائون نامنظور ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪري اغوا ڪيلن کي جلد بازياب لاءِ جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم
نوشھرو فيروز جي ڪارڪنن عزيز ڀنگوار فريد لاشاري اظھر کرل نديم ڀرٽ ڪاشف ميمڻ جنيد ڪلھوڙو فرحان وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب نوشھرو اڳيان بحريا ٽائون خلاف نعريبازي ڪئي.
انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بحريا ٽائون منصوبو جوڙي سنڌ جي زمين تي والار ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ان منصوبي خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
جيڪي ختم ڪيا وڃن. ھنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي، اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن، لاقانونيت ختم ڪري اغوا ٿيل مغوين کي جلد بازياب ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي لاء پڻ ناري بازي ڪئي وئي
جُون 7, 2023