نوشھروفيروز: ڊپٽي ڪمشنر  مخصوص سيٺن تي چونڊجي آيل ميمبرن کان قسم کڻايو

Spread the love

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر شاھ زيب شيخ اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽي مورو،

 ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز لاءِ مخصوص سيٺن تي چونڊجي آيل ميمبرن کان قسم کڻايو. ان سلسلي ۾ ھڪ تقريب منعقد ٿي

 جنھن ۾ ضلع ڪائونسل جي نامزد چيئرمين سھيل اختر عباسي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نياز احمد، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين ۽ پارٽي ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

حلف برداري کان اڳ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر شاھ زيب شيخ چونڊجي آيل ميمبرن کي مبارڪون پيش ڪيون.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو