مورو: پيرسن پيءُ، ماءُ جو نياڻيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج  

Spread the love

مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) طلاق ڏنل ناري  کي  مڙس پاران  ھٿيارن جي زور تي  اغوا ڪرڻ خلاف پيرسن پي ماء جو نياڻي جي بازيابي لاء احتجاج  

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائیندي  محمد رمضان نوربانو کوسو چيو تہ سال اڳ  اسان پنھنجي نياڻي  پروين جي شادي پنھنجي زات واري عمران علي کوسو سان ڪرائي ھئي شادي جي ڪجھہ ڏينھن کان پوء اسان جي نياڻي تي سندس مڙس  عمران کوسو  بناجواز مارڪٽ تشدد ڪندو ھو

 اسان جي نياڻي مڙس جي تشدد ظلم ڏاڍائي بابت اسان کي روئي ڌانھون ڏيندي رھي پر اسان نياڻي کي بار بار گھر آباد ڪرڻ  جو چوندا رھياسين اسان مسڪين غريب بي پھچ آھيون

اسان صبر ڪيوسين پر اسان جي نياڻي تي مڙس سان گڏ ان جا مائٽ بہ تشدد ڪرڻ لڳا اسان جي نياڻي انھن جي تشدد ظلم کان تنگ ٿي ڪري  پنھنجي مڙس کان قاضي احمد   جي ڪورٽ م علحدگي  ورتي  اسان جي نياڻي اسان وٽ رھندي ھئي

 مھينو اڳ  اسان جي نياڻي کي  سندس مڙس عمران کوسو  غلام رسول  بابو کوسو ڪامران کوسو سومر کوسو ء ٻيا زبردستي ھٿيارن جي زور تي مارڪٽ ڪري کنڀي کڻي ويا  اسان غريب ٿاڻي تي وياسين پر اسان جي ڪير بہ ٻڌڻ وارو ڪون آھي اسان کي خطرو آھي تہ انھن ظالمن اسان جي نياڻي کي ماري ڇڏيو آھي

  اسان  غريب نياڻي لاء ڪورٽ م وڪيل معرفت درخواست بہ داخل ڪراۂي آھي ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ سيشن جج نوشھرو فيروز آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي مورو ڊي ايس پي مورو کي اپيل ڪئي تہ اسان جي نياڻي کي اغواہ ڪندڙن کي گرفتار ڪري اسان جي نياڻي اسام کي واپس ڏياري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو