فيصل آباد: نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي وڏي غفلت، ٻن عورتن جا غلط آپريشن ڪيا ويا
فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي نجي اسپتال جي انتظاميا جي مبينا غفلت سامهون آئي آهي، جتي هڪ نالي جي ٻن عورتن جا غلط آپريشن ڪيا ويا.
وارثن الزام هنيو آهي ته ڄنگهه جي مرض ۾ مبتلا عورت جي پتي جو آپريشن ۽ پتي جي مرض ۾ مبتلا عورت جي ڄنگهه جو آپريشن ڪيو ويو.
سي اي او هيلٿ جو چوڻ آهي ته معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
