سکر: مخصوص سيٽن تي 108 کان وڌيڪ ڪامياب اميدوارن حلف کڻي ورتو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ضلعي ۾ ضلعي ڪائونسل۔سکر ميونسپل ڪارپوريشن سميت ميونسپل ڪميٽي روهڙي ۔ پنوعاقل ۽ ٽائون ڪاميٽي  ڪنڌرا۔صالح پٽ۔باگڙجي۔ جئي شاھ۔مڪي شاھ۔نثار صديقي تان مخصوص سيٽن تي 108 کان وڌيڪ ڪامياب اميدوارن حلف کڻي ورتو،

 ڊي سي سکر ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن حلف کڻي ورتو، جنهن کانپوءِ هال جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي ويو،تفصيل موجب سکر جي ضلعي ڪائونسل۔سکر ميونسپل ڪارپوريشن۔سميت ميونسپل ڪميٽي روهڙي ۔پنو عاقل۔ٽائون ڪميٽي ڪنڌرا۔صالح پٽ۔باگڙجي۔نثار صديقي۔جيئي شاھ۔ مڪي شاھ تان مخصوص سيٽن جنهن ۾ ليبر۔يوٿ۔اقليتي۔معزور ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تان ڪامياب ٿيل  108 اميدوارن جي حلف برداري تقريب سکر جي ضلعي ڪائونسل هال ۾ ٿي ڊي سي سکر شهزاد طاهر ٿهيم،

 ضلعي اليڪشن ڪمشنر سکر امين بشير قريشي، اليڪشن آفيسر ياسر احمد نئين چونڊيل اميدوارن کان حلف ورتو، ان موقعي تي چيف آفيسر ضلع ڪائونسل سکر سيد اڪبر علي معصومي سميت غلام مرتظي گهانگهرو۔ضلعي ڪائونسل يونين صدر عبدالمجيد جسڪاڻي سميت  سياسي ۽ سماجي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ اميدوارن پاران سنڌي ۽ اردو ۾ حلف کنيو ويو، تقريب جي پڄاڻي تي نون چونڊيل اميدوارن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ ورتيون 108 مان 104 سيٽن تي پ پ اميدوار مير ممتاز علي ڀٽو، ايشور لال. ميڊم عذرا جمال، غزاله انجم،ٽرانسجيندر سيٽ تي صنم فقير، معذورن ۾ حافظ محمد سهيل ۽ ٻيا ڪامياب ٿيا،

جڏهن ته ٻن سيٽن تي پي ٽي آءِ جا اميدوار ۽ هڪ هڪ سيٽ تي جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته پيپلزپارٽي جون سيٽون سڀ کان وڌيڪ آھن.

سکر ضلعي جي مختلف مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پ پ کي اڪثريت حاصل آهي.پ پ جي نامزد سمورا اميدوار ڪامياب

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو