سکر شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سهڪار جاري رکيو ويندو: محمد عمران بنڌاڻي

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر بلڊر ايسوسي ايشن سکر جي جنرل سيڪريٽري، نامور سماجي اڳواڻ ۽ راجپوت ڪلبز انٽرنيشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محمد عمران بنڌاڻي راجپوت پاڪستان پيپلز پارٽي جي

قيادت پاران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي فرزند سيد ڪميل حيدر شاھ  کي ضلعي ڪائونسل سکر جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اختر خان مهر کي نامزد ۽ اسلام الدين شيخ جي پٽ ارسلان شيخ کي ميئرسکر لاءِجڏهن ته ڊپٽي  ميئر سکر لاءِ ڊاڪٽر ارشد  مغل کي نامزد ڪرڻ،  نثار  صديقي ٽائون ڪميٽي لاءِ  چيئرمين سيد زيرڪ  خورشيد شاه. وائيس چيئرمين ذوالفقار  کوسو،

مڪي شاهه ٽائون  ڪميٽي لاءِ چيئرمين محمد دين راجپوت، وائيس  چيئرمين مرتضيٰ گهانگهرو،  جيئي شاهه ٽائون لاءِ آغا  محسن پٺاڻ، وائيس چيئرمين عزيز الله مغل کي  نامزد ڪرڻ تي پ پ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت جا ٿورا مڃيندي نامزد ڪيل اميدوارن کي مبارڪباد ڏني  ۽ اميد ظاهر ڪئي

 ته نون چونڊيل اميدوارن سندن عهدن تي ڪامياب ٿيڻ بعد شهر ۽ شهرين جي مسئلن  جي حل لاءِ ڪم ڪندا۽شهرين کي سندن بنيادي ۽ مقامي حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو،  هن عهديدارن کي يقين ڏياريو ته شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سندن سهڪار جاري رکيو ويندو.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو