سکر: سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگار پريشان
سکر (رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ )سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي، آبپاشي کاتو خاموش، مقامي هارين درياهه جي زمينن تي غير قانوني طور فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا،
شهري ۽ سماجي حلقن ۾ پريشاني جي لهر، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي سکر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي خاموشي عدالتي حڪمن باوجود سنڌو درياهه جي ڪنارن تي فصلن جي غير قانوني پوکائي شروع ٿي وئي آهي،
روهڙي ۽ سکر ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح انتهائي گهٽجي وئي آهي.جنهن سبب جاڙن شھرن جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي سميت فصل جي پوکائي لاء پاڻي جي فراهمي نه پئي ٿئي جڏهن ته درياهه جي ڪناري تي رهندڙ مقامي هارين آبپاشي کاتي سکر جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان غير قانوني طور سبزين جا فصل پوکڻ ڇڏيا آهن
درياهه ۾ پاڻي گهٽتائي سبب پوکيل ڀاڃين جا فصل به سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آھن عدالت پاران واهن ۽ درياھ جي ڪنارن تي حددخليون ختم ڪرڻ جا واضح حڪم ڏيڻ باوجود هارين ۽ آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان درياهه جي ڪنارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي
،سکر جي شھرين ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻن اعلي اختيارن کان ڄاڻايل عمل جو نوٽيس وٺندي ملوث آفيسرن ۽ آبادگارن خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي۔
جُون 7, 2023