سڀني سياسي ۽ انتظامي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪندس: پير دانش علي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي)دادو ميونسپل چئرمين پير دانش علي چيو تہ مون وٽ لفظ نه آهن جو آئون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدر آصف علي زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ پ پ پ جي سموري قيادت جو شڪريو ادا ڪريان جن مون کي ميونسپل ڪاميٽي دادو جي چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ,
مان دادوءَ جو شهري آهيان، دادو منهنجي رڳن ۾ سمايل آهي ۽ منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ عزت جي ڳالهه ناهي ته پنهنجي عظيم شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪريان. مان واعدو ڪريان ٿو ته پنهنجي بهترين صلاحيتن کي پورو ڪندي سڄي شهر کي بھتري جي راھ تي گامزن ڪندس،
سڀني سياسي ۽ انتظامي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪندس , پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورن ڪارڪنن جا خاص ٿورائتو آھيان جن اسان کي شهر جي اليڪشن کٽرائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي , اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي رهنمائي هيٺ ڊيليور ڪنداسين.
جُون 7, 2023