سيوھڻ پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون تيز

Spread the love

سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون. تفصيل موجب سيوهڻ پوليس  منشيات وڪرو ڪندڙن جي  خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون،

سيوھڻ جي پوليس گشت ڪندي سيوھڻ شھر جي خان محمد شاھ شيرازي جي مزار ڀرسان  20 پاڪيٽ Z21 گٽڪو سپاري جا  هٿ ڪري ورتا،ماھنور فائونڊيشن سيوھڻ جي چيئرمين جمشيد عرف ببلو لاکو ۽ حميد پنھور ڪاري ٿيلھي ۾ Z- 21 گٽڪو سوپاري وڪرو ڪرڻ لاء کڻي وڃي رھيا ھئا

 ت سيوھڻ جي گشت ڪرڻ  واري پوليس موبائل Z21 گٽڪو سوپاري جي 20 پاڪيٽن سميت  جمشيد عرف ببلو لاکو ۽ حميد پنھور کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو سيوھڻ پوليس  سرڪاري مدعيت ۾ سيوهڻ ٿاڻي تي ٻنھي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو