سانگهڙ: گهرو معاملن ۽ غربت کان تنگ نوجوان زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي
سانگهڙ( ڊ ر ) سانگهڙ ويجهو گهرو معاملن ۽ غربت کان تنگ ٿي نانگجي ڪولهي زهريلي دوا پي ڇڏي، ڳوٺ حاجي الھيارخان جوڻيجو ۾ گزريل رات ديرسان نوجوان شادي شده ۽ ھڪ ٻار جو پيءُ نانگجي پٽ ڌنجي ڪولھي مبينه طور زھريلي دوا پئي اچي پنهنجن مائٽن کي ٻڌايو ته آئون دوا پئي آيو آھيان
سندس مائٽن ڪن لاٽار ڪري ڪو به ڌيان يا غور نه ڪيو ڪجهه دير بعد نوجوان جي حالت خراب ٿيڻ لڳي جنهن بعد کپرو ڊاڪٽرن ڏانهن کڻي وڃڻ لڳا پر نانگجي ڪولهي رستي ۾ فوت ٿي ويو جنهن بعد سندس وارث لاش واپس کڻي آيا
جتي ڳوٺاڻن پاران پيرومل پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي با خبر ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته نانگجي ڪولهي جي شادي بدي جي سڱ طور ٿيل هئي
جتان هن جي شادي ٿيل هئي اتي هن جي ڀيڻ ڏنل هئي جنهن کي مبينه طور سندس مڙس مار ڪٽ ڪندو هيو تنهن تي نانگجي ڪولهي سندس گهر واري کي چيو ته تون پنهنجي ڀائرن کي سمجها ته منهنجي ڀيڻ کي تنگ نه ڪن پر هن جي چوڻ تي ڪنهن به عمل نه ڪيو ۽ اها ڳالهه سندس سالن کي ڏکي لڳي ۽ سندس گهر واري کي به وٺي ويا جنهن بعد هو تمام پريشان رهندو هو ۽ اڄ هن اهڙو قدم کڻي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،
جُون 7, 2023