دادو: چورين، ڦُرن ۽ ڌاڙن خلاف شھرين پاران احتجاجي مظاھرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي)دادو مان امن جو پکي اڏامي ويو چوريون ڦُرون ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويون،شھري روڊن تي نڪري آيا،
شھرين ميوو سولنگي،انيس لغاري،گل حسن چانڊيو ،مور قمبراڻي ۽ ٻين بدامني خلاف دادو ايس ايس پي موڙ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي دادو پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي،ان موقعي تي شهرين دانهيو ته دادو شهر اندر پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي،شھري غير محفوظ بڻجي ويا آھن،
آفيسر رڳو منٿليون وصول ڪري رهيا آھن،هر روز شهري ۽ واپاري ڦرجي رهيا آهن پر دادو جو ڪرپٽ ايس ايس پي رڳو پنهنجي آفيس تائين محدود آهي، هنن چيو ته شهر اندر بدامني عروج تي پهتل آهي.
سياسي سفارشن تي پوري ضلعي اندر بااثر سياسي ماڻهن ۽ وڏيرن جا ماڻهون مقرر ٿيل آهن.جيڪي ڪڏهن نه چاهيندا ته شهر ۾ امن هجي دادو ايس ايس پي هڪ فون تي ڏوهارين کي ڇڏي ڏئي ٿي،
دادو شهر جي وچ روڊ تان هڪ بااثر خاندان جو فرد موٽرسائيڪل ڦر ڪندي پڪتو پر پوليس سندس کي ڇڏي ڏنو آهي. دادو پوليس عوام دوست نه پر ڏوهاري ۽ منشيات وڪرو ڪندڙ جي دوست بڻجي وئي آهي،
هنن چيو ته هڪ مهيني دوران سوين شهري واپاري ڦرجي ويا آهن پر ايس ايس پي جي ڪن تي جوء نه ٿي چري، هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته دادو ايس ايس پي ۽ سندس ڪرپٽ ايس ايڇ اوز ٽيم کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُون 7, 2023