دادو: مخصوص سيٽ تي پ پ پ، تحريڪ انصاف جي ڪائونسلرن حلف کنيو

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ضلع ڪائونسل حال ۾ مخصوص سيٽ تي پ پ پ، تحريڪ انصاف جي ڪائونسلرن کي ڊپٽي ڪمشنر دادو حلف کڻايو،

جنهن ۾ دادو ميونسپل ڪاميٽي جي 12،ضلع ڪائونسل جي 32،جوهي ميونسپل ڪاميٽي 7،ڪي اين شاھ 7،راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي 6، سيتا 1،ڦلجي اسٽيشن ٽائون ڪاميٽي جي 4، ٿرڙي محبت جي 6 ڪائونسلر کي حلف کڻايو، حلف کڻندڙ ۾ لبير، عورت، معذور،اقيلتي برداري،يوٿ سان تعلق رکندڙن مسمات حسينه لغاري، مسمات لطيفان گلڻ ڀنڊ،علي محمد جمالي،بشيران سولنگي،ڪنول لاشاري،حسينه لغاري،زيبا وگهيو، سجاد حسين، سارنگ لطيف ميمڻ،مرتضي قمبراڻي،احمد خان سولنگي سميت ٻين حلف کنيو،حلف تقريب بعد ڊي سي دادو سيد مرتضی’ شاھ خطاب ڪندي چيو ته اميد آهي

اوهان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪندا ۽ ضلعي جي عوام جي نمائندگي ڪندي سندس جي مسئلن کي اعلي ايوان تائين پهچائي سندن جا مسئلا حل ڪندا،جڏهن ته حلف تقريب ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا لڳندا رهيا،هوڏانهن ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي جو معاملو ڪورٽ ۾ هجڻ ڪري اتان جي مخصوص سيٽن جي اميدوارن حلف نه کنيو،.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو