حڪومت عوام جون مشڪلاتون حل ڪري رهي آهي:  خورشيد ميراڻي

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي درپيش مشڪلاتون کي حل ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ملڪ دشمن پاليسين سبب موجوده حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ سميت ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ يوٽرن خان کي هاڻي يوٽرن وٺڻ لاءِ به موقعو نه ملندو، هو پنهنجي سياسي ساک وڃائي چڪو آهي محب وطن پاڪستانين سميت ان جي ساٿين به ملڪ دشمن پاليسين تي ان کي خيرآباد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي موجوده ن ليگ جي حڪومت عوام کي دلدل مان ڪڍڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي ۽ انشاءَ الله تمام جلد عوام ۽ شهري خوشخبري ٻڌندا،

اهڙن خيالن جو اظهار هن ن ليگ سيڪريٽريٽ ۾ علائقي واسين ۽ شهرين جي وفد سان ڳالهائڻ دوران ڪيو ملاقات ۾ شهري ۽ علائقي واسين ان کي عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ جنهن تي ان معزيز شهرين کي يقين ڏياريو ته انهن کي درپيش مشڪلاتون حل ڪرڻ لاءِ ضلعي آفيسرن کي جلد آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن ان جي مشڪلاتن جو ازالو ممڪن ٿي سگهي.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو