حڪومت صحت جي شعبي ۾ سھولتون آنديون آهن: ڊاڪٽر خيرمحمد راڄپر
راڻي پور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو)سنڌ حڪومت صحت جي شعبن تمام گھڻيون بھترين سھولتون آنديون آهن
تعلقي سوڀوديرو جي اسپتال اندر بھترين علاج جون سهولتون موجود آهن.ڊاڪٽر خيرمحمد راڄپر خبر موجب ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقو سوڀوديرو اسپتال ڊاڪٽر خيرمحمد راڄپر جو روزاني عبرت حيدرآباد سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال واري تباھ ڪن برساتن کان پوءِ ڪيترن ئي بيمارين منھن ڪڍيو جن تي ضابطو آندو ويو آهي
سنڌ حڪومت صحت جي شعبن ۾ تمام گھڻيون بھترين سھولتون آنديون آهن سوڀوديرو اسپتال جي اندر بھترين علاج جون سهولتون موجود آهن موسمياتي تبديلي سبب خارش مليريا ڊائريا دست الٽين سميت مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آھي
عوام کي گھرجي ته بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ خاص اپاءُ ورتا وڃن غير ضروري گھرن کان ٻاهر نه نڪرجي مٿو لازمي ڍڪجي گرم ۽ تريل کاڌن کان پاسو ڪجي طبعيت وڌيڪ خراب ھجڻ جي صورت ۾ تمام جلد ويجھي ڄاڻ واري ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرايو وڃي.
جُون 7, 2023