آءِ سي سي مينز ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي ترقي

Spread the love

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو ترقي ڪندي چوٿين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.

آءِ سي سي جي ٽيسٽ رينڪنگ موجب، آسٽريليا جي مارنس لبيوشين جي 915 پوائنٽن  پهرين پوزيشن برقرار آهي.

نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن ٻئي ۽ آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٽئين نمبر تي آهي، تازي رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو بهتري بعد چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

انکانسواءِ انگلينڊ جو هيري بروڪ هڪ درجو ترقي بعد 18 هين نمبر ۽ انگلينڊ جو اولي پوپ يارنهن درجا بهتري بعد 23 نمبر تي اچي ويو آهي.

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو