ڊويزنل صدرگڊز ٽرانسپورٽ جي ڪردار ڪشي جي مذمت ڪيون ٿا: سيد محمد علي شاھ
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) پاڪستان جي گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپني سنڌ اپر بلوچستان يونين ضلع دادو.سيوهڻ. ڀان سيد آباد جي اڳواڻن ضلع دادو صدر سيد محمد علي شاھ.عرفان علي رانجهاڻي.فهد علي وگهيو.امجد علي جتوئي.ساجد علي قريشي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽ يونين جي ڊويزنل صدر راجه غلام حيدر عمراڻي بااخلاق ايماندار نيڪ مرد شخص آھي.سندس خلاف ميهڙ جي چند شر پسند ماڻهن عبدالجبار چانڊيو. زاهد کوسو ۽ ٻين جيڪي ٽرانسپورٽر به نه آهن اسان جي ڊويزنل صدر مٿان بي بنياد ڀتي جا ڪوڙا بهتان هڻي سندس ڪردار ڪشي ڪئي آھي.جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.اسان به کين جواب ڏيڻ جي سگھ رکون ٿا پر اسان کي اهو زيب نه ٿو ڏئي. راجه غلام حيدر عمراڻي بيباڪ سچو ۽ ٽرانسپورٽرن مٿان سندس چڱايون اهن.سندس والد حاجي غلام رسول عمراڻي ٽرانسپورٽ يونين جو بنياد رکندڙ آهي. سندن خلاف بي بنياد الزام هڻڻ بند ڪيا وڃن.
جُون 6, 2023